لنڊن(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو آمريڪا کان لنڊن پھچي ويو، جتي ھن سنڌي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻھن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته برطانيا ۽ يورپ، پاڪستان ۾ ٻھراڙيءَ جي زندگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڏوھ ۽ ڪرپشن کان نجات چاهين ٿا. پورھيت، ھاري ۽ مزدور طبقو پٿر جي دور ۾ رهڻ تي مجبور آهي. پاڪستاني عوام سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ نشانو بڻجي رهيو آهي. ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ برابري، تعليم، صحت، ميرٽ ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪن. وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، اين ايف سي ۽ پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيون بند ڪري. وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ملازمن سان تعصب ڪيو وڃي ٿوهن چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ پاڻين تي قبضو بند ڪيو وڃي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا موقعا بند آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي ماڻهن جون شڪايتون نه ٻڌي رهيا آهن.