ٻوڏ بابت جاري ٿيل فنڊن ۾ به وڏيون بي ضابطگيون

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) ٻوڏ بابت جاري ٿيل فنڊن ۾ به وڏيون بي ضابطگيون سامهون آيون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گجر نالو ۽ اورنگي نالو صاف ڪرڻ لاءِ اين ايل سي ۽ ايف ڊبليو او کي 21 ارب رپيا ڏنا ويا، پر 1.3 ملين ٽن گند ڪچرو ڪڍڻ جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو. اهڙي طرح زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي قرضن ۾ به 87 ارب رپين کان وڌيڪ جي عدم وصولي سامهون آئي آهي. ٻوڏ جي تباهي سبب ملڪ ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ پنجاهه لک ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويا آهن جنهن سان اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 08 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.