اهم حڪومتي شخصيتن ۽ آفيسرن جي موبائل سمز ڊيٽا انٽرنيٽ تي ليڪ، گهرو وزير نوٽيس ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اهم حڪومتي شخصيتن ۽ آفيسرن جي موبائل سمز ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي معاملي جو نوٽيس ورتو.
گهرو وزير جي هدايت تي نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي متحرڪ ٿي وئي ۽ هڪ خاص انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي وئي آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان موجب جاچ ٽيم ڊيٽا ليڪيج جي معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪندي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
جوڙيل ٽيم 14 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ گهرو وزير کي پيش ڪندي.
واضح رهي ته ميڊيا رپورٽن موجب انٽرنيٽ تي وفاقي وزيرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ اهم حڪومتي شخصيتن سميت هزارين پاڪستاني شهرين جي حساس ڊيٽا وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
آن لائن پليٽ فارمز تي موبائل سم مالڪن جي پتي، ڪال رڪارڊ، سڃاڻپ ڪارڊ جي نقل ۽ ٻاهرئين ملڪ سفر جهڙي انتهائي حساس ڄاڻ معمولي قيمت تي دستياب آهي.
رپورٽن موجب وفاقي گهرو وزير کان وٺي پي ٽي اي ترجمان تائين تقريبن هر شخص جي ڊيٽا انٽرنيٽ تي آساني سان خريد ڪري سگهجي ٿي ۽ سمورو رڪارڊ گوگل سرچ ذريعي به دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.