اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ستلج درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ جي حوالي سان پاڪستان کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڇڏڻ بابت پاڪستان کي اطلاع ڏنو.
آبي وسيلن واري وزارت ٻوڏ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ستلج درياهه ۾ هريڪي ڊائون اسٽريم، فيروز پور ڊائون اسٽريم تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي.
ستلج درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو آهي.
You might also like