لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي جي معطلي وارو معاملو سندس وطن واپسي تي غور هيٺ آندو ويندو.
ذريعن موجب، پهريان برطانيا ۾ سڀني قانوني ڪارروائين کي مڪمل ڪيو ويندو ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) حيدر علي جي معطلي جي معاملي جو جائزو وٺندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي معطلي واري معاملي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.
واضح رهي ته مانچسٽر پوليس پاڪستاني ڪرڪيٽر حيدر علي خلاف مبينا ريپ ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هو آزاديءَ سان برطانيا جو سفر ڪري سگهندو.
ياد رهي ته حيدر علي کي پوليس هڪ مقامي ڇوڪريءَ جي طرفان ريپ جي الزام لڳائڻ جي ٻن هفتن بعد گرفتار ڪيو هو.