ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سميت 30 کان 35 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سرڪار جي فرياد ۾ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب، 31 آگسٽ تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي ڪوٽڙي ٿاڻي تي اي ايس آءِ عابد لاشاري جي فرياد تي سيد زين شاهه سميت 20 کان 25 اڻڄاتل ماڻهن مٿان روڊ بلاڪ ڪرڻ جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like