دادو واسي نوجوان ڪراچي ۾ دوستن هٿان قتل، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جو رهواسي نوجوان ڪراچي ۾ دوستن هٿان قتل ٿي ويو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ دوست هوٽل تي ويٺل هئا، جتي معمولي ڳالهه تان جوابدارن فائرنگ ڪئي.
گوليون لڳڻ سبب دادو جي ڳوٺ نورجا جو رهواسي خالد حسين ڪوريجو مارجي ويو.
مقتول نوجوان ڪراچي زيبل يونيورسٽي جي ڪرمنالوجي شعبي جو شاگرد هو.
ڊفينس پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.