اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته مري ۾ ٿيل گڏجاڻي بابت ميڊيا جون ڳالهيون غلط آهن، حقيقت ۾ تسلسل جي حوالي سان ڪا ڳالهه نه ٿي. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف نظام جي تسلسل مان مطمئن آهي ۽ ڌيان معيشت، استحڪام ۽ پرڏيهي پاليسي تي آهي. خواجا آصف جو چوڻ هو ته ماڻهو پنهنجي نظريي تي وقتي طور اڳتي پوئتي ٿي سگهن ٿا، پر پنهنجي نظريي کان ڌار نٿا ٿي سگهن. اسان جو ٽارگيٽ پاڪستان جو استحڪام آهي، هڪ رستو طئي ٿي چڪو آهي ۽ ان تي هلڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف پنج سال وزيراعظم رهي ها ته اڄ ملڪ جي صورتحال مختلف هجي ها. پارٽي ۾ ڪو اختلاف ناهي، شهباز شريف سان به ڪو مسئلو ناهي، جڏهن ته مريم نواز کي ڌيءَ جيان سمجهان ٿو ۽ هوءَ ئي پارٽي جو مستقبل آهي. خواجا آصف موجب معيشت اڳئين ڀيٽ ۾ هاڻي بهتر آهي. هن وضاحت ڪئي ته شهباز شريف جا لاڳاپا اسٽيبلشمينٽ سان قائم آهن ۽ اهو انتظام هائبرڊ سسٽم طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪو به تڪرار ناهي، اهو پرفيڪٽ انتظام آهي.