ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن، بوسٽن سائنٽفڪ جي تيار ڪيل ٿولهه جديد طريقي سان علاج اينڊوسڪوپڪ سليو گيسٽروپلاسٽي جي شروعات ڪري ڇڏي.
آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن ڪراچي جي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ گيسٽرو اينٽيرولاجي ۾ اينڊوسڪوپڪ سليو گيسٽرو پلاسٽي جي جديد علاج جي طريقي جي شروعار ڪئي.
اهو علاج جو طريقو بوسٽن سائنٽيفڪ تيار ڪيو آهي، جيڪا آمريڪا جي پهرئين جوڙ جي عالمي هيلٿ ڪيئر ڪمپنين ۾ شمار ٿيندي آهي، اها ٿولهه جي مريضن لاءِ نئين اميد آهي.
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ گيسٽرو اينٽيرولاجي جي ڀائيواري سان متعارف ڪرايل اهو طريقي ڪار پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي عوامي صحت جي وڏي مسئلي ٿولهه ۽ ان سان جڙيل بيمارين کان ڇوٽڪارو فراهم ڪري ٿو.
You might also like