برساتن ۽ ٻوڏ سبب قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون ضمني چونڊون ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برساتن ۽ ٻوڏ سبب پنجاب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون.
پنجاب ۾ ضمني اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو آرڊر جاري ٿي ويو.
اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 66 وزيرآباد، اين اي 96 فيصل آباد، اين اي 104 فيصل آباد، اين اي 129 لاهور، اين اي 143 ساهيوال ۾ ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.
پي پي 73 سرگوڌا، پي پي 87 ميانوالي، پي پي 98 فيصل آباد، پي پي 203 ساهيوال ۾ به ضمني چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.
اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب مواصلات جو نظام درهم برهم آهي، سرڪاري ۽ نجي انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي، سرڪاري اسڪولن جو عمارتون به تباهه ٿيون آهن، اهي عمارتون پولنگ اسٽيشن جي قيام ۽ اليڪشن رڪارڊ اسٽور ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سول انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ مصروف آهن ۽ اليڪشن ڊيوٽي ڏيڻ ڏکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.