ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي ٻي مڪمل چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ به ڏسي سگهبي.
موسميات کاتي موجب هلندڙ سال جي ٻي مڪمل چنڊ گرهڻ 7 ۽ 8 سيپٽمبر جي وچين رات ٿيندي، جيڪا پاڪستان کانسواءِ ايشيا جي ٻين ملڪن، يورپ، آسٽريليا، آفريقا، اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ به ڏٺي ويندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وقت موجب 7 سيپٽمبر جي رات 8 لڳي 28 منٽن تي چنڊ جي روشني گهٽجڻ لڳندي، چنڊ کي جزوي گرهڻ لڳڻ جي شروعات 9 لڳي 27 منٽن تي ٿيندي ۽ چنڊ کي مڪمل گرهڻ لڳڻ جي شروعات 10 لڳي 31 منٽن تي ٿيندي.
موسميات کاتي موجب چنڊ گرهڻ 11 لڳي 12 منٽن تي عروج تي هوندي، مڪمل چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي 11 لڳي 53 منٽن تي ٿيندي، جزوي چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي 12 لڳي 57 منٽن تي ٿيندي ۽ رات هڪ لڳي 55 منٽن تي چنڊ گرهڻ مڪمل طور پڄاڻي تي پهچندي.
You might also like