انڊر 23 ايشيا ڪپ ڪواليفائر ۾عراق هٿان پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست

ڪمبوڊيا (ويب ڊيسڪ) اي ايف سي انڊر 23 ايشيا ڪپ ڪواليفائر ۾ عراق پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ 8 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪمبوڊيا ۾ ٿيل اي ايف سي انڊر 23 ايشيا ڪپ ڪواليفائر ۾ عراقي ٽيم گولن جي برسات ڪري ڇڏي ۽ 8 ڀيرا بال نيٽ ۾ پهچايو، جڏهن ته جواب ۾ پاڪستاني ٽيم رڳو هڪ گول ڪري سگهي.
پاڪستاني ٽيم پهرئين هاف ۾ زبردست راند جو مظاهرو ڪيو، پر ان باوجود عراق کي پهرئين هاف ۾ 0-1 جي سرسي حاصل رهي.
ٻئي هاف ۾ به پاڪستاني ٽيم ڪجهه وقت تائين سٺو کيڏيو ۽ 61هين منٽ ۾ مڪائيل عبدالله پينلٽي ذريعي گول ڪري اسڪور 1-2 ڪري ڇڏيو، پر آخري اڌ ڪلاڪ دوران عراقي ٽيم مڪمل طور تي ڇانيل رهي ۽ گول مٿان گول ڪندي رهي.
عراقي ٽيم ٻئي هاف دوران ئي 7 گول اسڪور ڪيا، نتيجي ۾ عراق پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ 8 گولن تان مات ڏئي ڇڏي، پاڪستان جو واحد گول مڪائيل عبدالله ڪيو.
ايونٽ ۾ پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي ميچ 6 سيپٽمبر تي ڪمبوڊيا جي خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.