صادق آباد (ويب ڊيسڪ) موٽر وي ايم فائيو تي ڌاڙيلن گاڏين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ ڊرائيور سميت 10 ڄڻا گم ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ڪچي ڌاڙيلن رات دير سان موٽر وي ايم فائيو نواز آباد ڀرسان حملو ڪري ڏنو، پوليس موجب 24 کان وڌيڪ ڌاڙيلن انڌاڌند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ٻڌايو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪيترين ئي ڪارن، ٽرڪن ۽ بسن کي نقصان پهتو، انهن جا شيشا ڀڄي پيا ۽ ٽائر برسٽ ٿيا.
ذريعن موجب ڌاڙيل ٻن مسافرن کي اغوا ڪري ڪچي جي علائقي ڏانهن وٺي ويا، جڏهن ته هڪ ڊرائيور سميت ٻيا به ڪجهه ماڻهو گم ٿيڻ جا اطلاع آهن.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ڌاڙيلن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي.
You might also like