راوي درياهه جو پاڻي چناب ۾ ڇوڙ بدران واپس موٽڻ لڳو! ڪيئي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيائين

لاهور/ملتان (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي( پي ڊي ايم اي) جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان علي ڪاٺيا چيو آهي ته راوي درياهه جو پاڻي ستلج ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران واپس موٽي رهيو آهي، جنهن سبب راوي ۾ پاڻي جي سطح بلند رهندي.
اڱاري ڏينهن هڪ پريس ڪانفرنس دوران عرفان علي ڪاٺيا جو چوڻ هو ته جيستائين احمدپور سيال ۾ پاڻي گهٽ نه ٿيندو، تيستائين سڌنائي ۾ به پاڻي نه گهٽجندو.
هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ وڏو چئلينج هيڊ محمد والا وٽ آهي، جتي رڳو چار کان پنج فوٽ پاڻي جي گنجائش آهي، جڏهن ته ملتان ۾ شير شاهه پل تي به هن وقت پاڻي جو سخت دٻاءُ آهي، جتي رڳو ٻه فوٽ جو مارجن رهجي ويو آهي، ملتان ۾ بريچنگ بابت اهم فيصلا ٿي چڪا آهن.

راوي درياهه جو پاڻي واپس ڇو اچي رهيو آهي؟
لاهور جي لمز يونيورسٽي ۾ واٽر انفارميٽڪس اينڊ ٽيڪنالاجي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد ابو بڪر وضاحت ڪندي چيو ته راوي درياهه سڌنائي وٽ درياهه چناب ۾ اچي ملي ٿو.
ڊاڪٽر ابو بڪر موجب، چناب درياهه ۾ لڳ ڀڳ اَٺ لک ڪيوسڪ پاڻي موجود آهي، اهڙي صورتحال ۾ راوي جو پاڻي چناب ۾ ملڻ بدران واپس آيو، جنهن کي ٽيڪنيڪي اصطلاح ۾”بيڪ واٽر“ چيو ويندو آهي.
هن مثال ڏيندي چيو ته جيئن توهان جي گهر ٻاهران گهٽيءَ ۾ پاڻي بيٺل هجي ۽ جي ان سطح توهان جي گهر کان مٿانهين آهي ته توهان گهر جو پاڻي گهٽي ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهو پاڻي شدت سان واپس ايندو.
اختيارين موجب، راوي درياهه جي پاڻي جي ريورس وهڪرن سبب ڪيترائي ڳوٺ پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
ياد رهي ته راوي درياهه ، هيڊ سڌنائي کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر اڳتي چناب درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ اهو جَسڙ، نارووال، شاهدره، شيخوپورا، اوڪاڙا۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه مان گذرندي سڌنائي وٽ چناب ۾ شامل ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.