اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مختلف سياسي ۽ ٻيون مشهور شخصيتون شگر ملز ۾ شيئرز جون مالڪ نڪتيون، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي دستاويزن ۾ تفصيل سامهون اچي ويا.
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي دستاويزن ۾ مختلف سياسي ۽ مشهور شخصيتن جي شگر ملن ۾ شيئرز جا تفصيل سامهون آيا آهن.
شگر ملن ۾ شيئرز رکندڙن ۾ حمزا شهباز، سلمان شهباز، سالڪ حسين، مونس الاهي، ذڪا اشرف، چوڌري شجاعت حسين، چوڌري پرويز الاهي، ميان عامر محمود ۽ خواجا عبدالغني مجيد سميت ٻيا شامل آهن.
ايس اي سي پي جي دستاويز موجب ڪميشن قومي اسيمبلي جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي سفارش تي ڊيٽا تيار ڪئي.
دستاويز موجب العربيه شگر ملز ۾ حمزا شهباز ۽ نصرت شهباز سميت ٻيا شيئر هولڊر آهن، اهڙي ريت رمضان شگر ملز ۾ حمزا شهباز، سلمان شهباز، نصرت شهباز شيئر هولڊر آهن.
پنجاب شگر ملز جي شيئرز هولڊرن ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ سالڪ حسين سميت ٻيا شامل آهن، اهڙي ريت آر واءِ ڪي ملز ۾ مونس الاهي ۽ مخدوم عمر شهريار سميت ٻيا شيئر هولڊر آهن، جڏهن ته ٽنڊو الهيار شگر ملز ۾ خواجا عبدالغني مجيد 100 سيڪڙو شيئرز جو مالڪ آهي.
دستاويز ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اشرف شگر ملز ۾ ذڪا اشرف سميت ٻيا شيئر هولڊر آهن، رحيم يار خان شگر انڊسٽري ۾ ميان عامر محمود سميت ٻين جا شيئرز آهن.
دستاويز موجب مدينه شگر ملز ۾ محمد رشيد ۽ محمد مجتبيٰ سميت ٻيا حصدار آهي، جڏهن ته فاطمه شگر ملز ۾ عباس مختار، فيصل مختار ۽ فواد مختار سميت ٻين ماڻهن جا شيئرز آهن.
ايس اي سي پي جي دستاويز موجب اتحاد شگر ملز ۾ مخدوم هاشم جوان بخت، مخدوم عمر شهريار سميت ٻين جا شيئرز آهن، جڏهن ته بلوچ شگر ملز ۾ دوست علي مزاري ۽ طارق علي مزاري شيئر هولڊر آهن.
چوڌري شگر ملز ۾ عبدالعزيز عباس شريف، عبدالله يوسف شريف، شريف ٽرسٽ سميت ٻين جا شيئرز آهن، اهڙي ريت چيما شگر ملز ۾ چوڌري انور علي، سردار محمد عارف نڪئي ۽ محمد شفيع سميت ٻيا شيئر هولڊر آهن.
You might also like