ريلز شوقينن لاءِ انسٽاگرام ۾ وڏي سهولت متعارف

ميٽا جي ملڪيت فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام ريلز وڊيوز ڏسڻ لاءِ ”پڪچر اِن پڪچر فيچر۾ جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي،
ڪمپني جي تصديق ڪئي آهي ته اِهو فيچر في الحال محدود واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار ٻيون ايپس استعمال ڪندي به انسٽاگرام ريلز کي اسڪرين تي هڪ ننڍڙي ونڊو ۾ ڏسي سگهندا.
پڪچر اِن پڪچر ذريعي واهپيدارن کي وڊيوز ڏسڻ سان گڏ ملٽي ٽاسڪنگ يا ٻيا ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو.
جيڪي واهپيدار اِهو فيچر استعمال ڪري سگهن ٿا تن کي انسٽاگرام طرفان پاپ اپ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو پيو وڃي.
مختلف ايپس جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ ۽ يوٽيوب تي پڪچر اِن پڪچر سپورٽ ڪافي وقت کان موجود آهي، پر انسٽاگرام ۾ اِها سهولت هاڻي وڃي متعارف ڪرائي وئي آهي.
ان فيچر بابت انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ڪجهه مهينا اڳ ٻڌايو هو ته جلد آندو ويندو، پر في الحال اهو چوڻ ڏکيو آهي ته سڀني واهپيدارن ڪيستائين دستياب ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.