اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ وزير دفاع خواجا محمد آصف کان پوءِ جمعيت علماء اسلام (ف) جي رڪن نور عالم خان به بيوروڪريسي خلاف ميدان تي اچي ويو،قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي نور عالم خان چيو ته سياستدان زمينن تي قبضو نٿا ڪن، اصل لينڊ گريبر پاڪستان جي بيوروڪريسي آهي،”نور عالم خان چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ ٻوڏ اچي ٿو يا دهشتگردي ٿئي ٿي ته بيوروڪريسي ان مان مال ڪمائي ٿي،هن چيو ته اصل چور بيوروڪريسي آهي جنهن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو،هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا جي پي ڊي ايم اي درياءِ سوات ۾ 16 ماڻهن کي به نه بچائي سگهي۔ درياءَ جي ڪنارن تي ڪيتريون ئي سوسائٽيون ٺهيل آهن، جن کي روڪڻ ضروري آهي۔نور عالم خان چيو ته 18هين ترميم وفاق کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ صوبن کي الڳ الڳ رياستون بڻائي ڇڏيو آهي۔ جيڪڏهن صوبا درياءَ جي زمينن تي سوسائٽيون ٺاهين ٿا ته وفاق وٽ ايترو اختيار هجڻ گهرجي جو کين پڇي سگهي .