گنداپور ڪالاباغ ڊيم کانپوءِ نوَن صوبن ۽ صدارتي نظام جي به حامي، مخالفت ۾ پاس ٿيل ٺهراءَ غلطيون قرار ڏئي ڇڏيائين

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪالاباغ ڊيم کانپوءِ نوَن صوبن ۽ صدارتي نظام جي به حمايت ڪري ڇڏي.
هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي رڳو اي اين پي کي اعتراض آهي، جڏهن ته سنڌ کي به ڪجهه خدشا آهن پر ان باوجود اسان کي ان لاءِ رستو ڪڍڻو پوندو.
هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم هر حال ۾ ٺهڻ گهرجي، ڪنهن جي لاشن سان ڊيم جو ڪو به تعلق ناهي، ڊيم بابت واضح حمايت ڪريان ٿو پر پارٽي جا ڪجهه ماڻهو اجائي مخالفت ڪري رهيا آهن.
علي امين جو چوڻ هو ته اسيمبلي ۾ ڪيئي ٺهرائن جي حمايت ڪئي وئي پر اهي غلطيون آهن، اهڙن ميمبرن جي اصلاح ٿيڻ گهرجي.
هن ملڪ ۾ نوَن صوبن جي به حمايت ڪئي ۽ چيو ته وڏن يونٽن جي نگراني ڪرڻ ڏکيو عمل آهي، تنهنڪري نوان صوبا ٺهڻ گهرجن.
صدارتي نظام بابت علي امين چيو ته سٺي سوچ سان ملڪ ۾ صدارتي نظام هئڻ گهرجي ۽ باني به ان جو حامي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.