نئين دهلي/رياض/بغداد (ويب ڊيسڪ) سعودي ۽ عراقي ڪمپنين ڀارتي ريفائنري کي تيل جي فراهمي روڪي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سعودي آرامڪو ۽ عراق جي سرڪاري آئل مارڪيٽنگ ڪمپني سومو يورپي يونين طرفان جولاءِ ۾ لاڳو ڪيل پابندين کانپوءِ روسي حمايت يافته ڀارتي ريفائنري ڪمپني ”نايارا انرجي“ کي ڪچي تيل جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي.
لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ (ايل ايس اِي جِي) جي شپنگ ڊيٽا موجب، نار سپلائرز جي فراهمي بند ٿيڻ بعد نايارا انرجي، جنهن جي سڀ کان وڏي شيئر هولڊر روسي آئل ڪمپني روزني فٽ آهي، آگسٽ ۾ ڪچي تيل جي درآمد لاءِ مڪمل طور روس تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿي وئي.
ڪپلر ۽ ايل ايس اِي جِي، جي ڊيٽا موجب، نايارا عام طور هر مهيني لڳ ڀڳ 20 لک بئريل عراقي ۽ 10 لک بئريل سعودي ڪچو تيل وٺندي هئي، پر آگسٽ ۾ ٻنهي سپلائرز وٽان ڪو به ڪارگو نه مليو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، سومو ۽ نايارا ان معاملي تي ڪو به ردعمل ناهي ڏنو، جڏهنته سعودي آرامڪو به تبصري کان پاسو ڪيو.
واضح رهي ته روسي تيل جي خريداري سبب آمريڪا طرفان ڀارت تي 50 سيڪڙو تجارتي ٽيرف لاڳو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ڀارت سان واپاري لاڳاپن بابت چيو ته هاڻي ڀارت پنهنجا ٽيڪس ٻُڙي ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي پر هاڻ تمام گهڻي دير ٿي وئي آهي، اها آڇ ڪيئي سال اڳ ڪرڻ گهرجي ها.
مودي سرڪار کي وڏو ڌڪ، سعودي ۽ عراقي ڪمپنين ڀارتي ريفائنري کي تيل جي فراهمي روڪي ڇڏي
You might also like