اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي شدت پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندي، ڇو ته سنڌ ۾ پهچندي پاڻي پکڙجي وڃي ٿو. هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن وضاحت ڪئي ته پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ وهڪرا جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا ته انهن جو وهڪرو ڊگهو هوندو آهي پر چوٽي گهٽ هوندي آهي. مثال طور، جيڪڏهن چناب مان 11 لک ڪيوسڪ جي لهر هڪ ڏينهن تائين رهي ته سنڌ ۾ پهچندي اهو وهڪرو گهٽجي 4 لک ڪيوسڪ رهندو ۽ 4 کان 6 ڏينهن تائين جاري رهندو. ڊاڪٽر حسن عباس موجب سنڌو درياهه اڳتي هلي پکڙجي وڃي ٿو، بئراج ۽ قدرتي ذخيرا پڻ موجود آهن، تنهنڪري نقصان جي شدت گهٽ ٿيندي آهي. هن چيو ته سنڌ وارا اڳواٽ خبرداري سان تيار آهن ۽ تازين وڏين ٻوڏن (2010 ۽ 2022) جو پنجاب کان وڌيڪ تجربو به رکن ٿا، تنهنڪري امڪان آهي ته پاڻي وڌيڪ گذرندو پر نقصان پنجاب جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿيندو.