هيوسٽن(پ ر) آمريڪا جي شهر هوستن ۾ سانا جو 41هون ڪنوينشن شاندار نموني منعقد ٿيو، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سنڌي برادري وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي خطاب ۾ حڪمرانن جي سنڌ دشمن پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ ۽ سنڌو اسان جو ساھ آهي، ڪالاباغ ڊيم کان ويندي نون ڪئنالن جا منصوبا اصل ۾ سنڌ دشمن سازشون آهن، جن جو مقصد سنڌ کان جياپي جو ذريعو کسڻ آهي. هن واضع ڪيو ته ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سڄو سال وھڻ لازمي آهي، پر حڪمرانن جي بي حسي ۽ پنجاب جي ڏاڍ سبب سنڌو ڊيلٽا خشڪ ٿي رهيو آهي. نتيجي ۾ سمنڊ تيزي سان سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، جنهن سبب کاروڇاڻ، ڪيٽي بندر، شاهبندر ۽ جاتي تعلقن ۾ لڳ ڀڳ 20 لک ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته صورتحال ايتري خطرناڪ آهي جو لاڙ پٽ ۾ اهڙا مهينا به ايندا آهن، جتي ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي موجود ناهي هوندو . هي ظلم جي انتها آهي جو ٻوڏ واري موسم ۾ به سنڌ جو آبادگار پاڻيءَ لاءِ روڊن تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته حڪمران ڌريون اقتدار جا مزا وٺي رهيون آهن ۽ سنڌ جي تباهي ڏسي به خاموش آهن.هن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو آهي. پرائمري اسڪول بند ڪيا ويا آهن، ٻارن کي تعليم بدران جبري پورهئي تي لڳايو پيو وڃي. منشيات جي روڳ سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ حڪمران طبقا ڄاڻي واڻي سنڌ جي مستقبل کي ختم ڪرڻ تي لڳي ويا آهن،هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي جاگيردارانه سياست، شخصيت پرستي ۽ سياسي عقيدي پرستي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. سنڌ جي سڀني مصيبتن جو ذميوار جاگيردار طبقو آهي، جيڪو پ پ پ جي ڇٽي ۾ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي،هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو ماڻهو ماٺ جو روزو ٽوڙي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي درياهه ۽ پنهنجي نسل جي بقا لاءِ متحد ٿي جدوجهد ۾ اڳتي وڌي. ڇوته اتحاد ۽ گڏيل جدوجهد کان سواءِ سنڌ جا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حق ڪنهن به صورت ۾ حاصل نٿا ڪري سگهجن