فلڊ مئنيجمينٽ هر سال جو مسلسل ڪم آهي،هي ٻوڏ نه وهڪرا آهن:نصير ميمڻ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڻي ماهر نصير ميمڻ چيو آهي ته گڊو ۽ سکر بئراجن ۾ 12 لک ڪيوسڪ تائين ٻوڏ وهڪرا برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ماضي ۾ رهي آهي،پر ڳالهه رڳو بئراجن جي ناهي،ان وچ ۾ ڪچي جو علائقو به اچي ٿو،جتي انساني آباديون آهن،ستلج ،راوي ۽ چناب ۾ به لکين ايڪڙ ڪيوسڪ پاڻي برداشت ڪري سگهن ٿا پر ماڻهو ان ڪري ٻڏي رهيا هئا ڇو ته اسان اتي آباديون ٺاهي ڇڏيون آهن،هن چيو ته اهو چئلينج سنڌ کي به آهي،هتي به ماڻهو دربدر ٿيندا،6 يا 7 لک ڪيوسڪ تي به هتي ماڻهو متاثر ٿيندا،ڪچي جو رستو درياءَ جو آهي،اسان اتي آباديون ٺاهي روڊ،بجلي ۽ ٻيون سهولتون ڏيون ٿا،فني طور تي اها ٻوڏ ناهي،اهو وهڪرو آهي،ٻوڏ اها هوندي آهي جڏهن درياءَ بندن کان ٻاهر نڪري،هن وقت اهي قدرتي وهڪرا آهن،اسان دريائن اندر ويهي پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪئي آهي،هن چيو ته فلڊ مئنيجمينٽ سال جي ٻارهن مهينن جو ڪم آهي،اسان رڳو ٻن مهينن ۾ ان کي ڏسون ٿا،هر سال بندن جي مرمت ٿيڻ گهرجي،هن وقت سنڌوءَ جي بندن جي مضبوطي ڪيتري آهي اهو فيصلو پاڻي ڪندو،نه وڏي وزير نه ڪنهن ٻئي جي دعويٰ هلي سگهي ٿي،ماڻهن کي پنهنجي بچاءَ لاءِ تياري ڪرڻي پوندي،هن چيو ته دهشت گردي جو ڪم ٻاهران ٿيندو آهي،ٻوڏ اسان پاڻ هٿ سان پيدا ڪندا آهيون،جڏهن اسان ٻيلا تباهه ڪري،غلط ڊيزائن ڪيل انفراسٽڪچر بڻايون ٿا،جڏهن اسان بند نٿا سنڀاليون،اهو ڪم حڪومتن جو هوندو آهي،هن چيو ته منهنجي ڳالهه ياد رکجو ته سيپٽمبر کانپوءِ ٽي وي چئنلن سميت ڪٿي به ٻوڏ جي ڳالهه نه هلندي ڪو ٻيو اشو اچي ويندو،اهو ٻارهن مهينن جو ڪم آهي،اسان پنهنجو وڏو نقصان ڪري چڪا آهيون،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.