اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) ملڪ ۾ امن امان ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ادارا انتظامي بحران جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته پوليس جون ڪيترائي اهم پوسٽون خالي پيون آهن. بلوچستان ۾ آگسٽ کانپوءِ آءِ جي جي مقرري نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب صوبو بغير مستقل سربراهه جي هلي رهيو آهي. گهرو وزارت ۾ باصلاحيت آفيسر ايڊيشنل سيڪريٽري سهيل تاجد کي هٽائي او ايس ڊي بڻيو ويو آهي جڏهن ته هڪ حاضر سروس فوجي آفيسر نور ولي کي آندو پيو وڃي. جواز اهو ٻڌايو ويو آهي ته هتي سول آرمڊ فورسز آهن، جيئن ايف سي ٿي وئي، رينجرز ٿي وئي ۽ ٻيا ادارا ٿي ويا. گهرو وزير محسن نقوي هڪ گڏجاڻي ۾ چيو ته سول آرمڊ فورسز جا معاملا فوجي آفيسر ئي سمجهي سگهي ٿو، هن اهو خيال ڏنو. پر هڪ باصلاحيت آفيسر سهيل تاجد اهو آفيسر آهي جنهن بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ڪئي، ممبئي حملي ڪيس جي جاچ ڪئي، هو آءِ جي، اسپيشل برانچ جو هيڊ رهي چڪو آهي کيس او ايس ڊي بڻائڻ زيادتي آهي. نيشنل پوليس فائونڊيشن جو سربراهه جو عهدو به خالي پيو آهي. اهو ادارو پوليس جي شهيدن لاءِ پلاٽ ڏيڻ جي مقصد سان قائم ڪيو ويو هو. هن اداري جو سربراهه عام طور تي 21هين يا 22هين گريڊ جو آفيسر هوندو آهي، پر هن وقت آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي کي ان جي واڌو چارج ڏني وئي آهي. هو جونيئر آفيسر آهي، جڏهن ته نيشنل پوليس فائونڊيشن اهم ادارو آهي، جتي زمينن سان لاڳاپيل معاملا ڏٺا ويندا آهن. عملي طور تي هن اداري جي پلاٽن مان آءِ جيز کي پلاٽ ملي وڃن ٿا، گهرو سيڪريٽري کي به پلاٽ ملي وڃن ٿا، ۽ جيڪو گهرو سيڪريٽري بڻجي ٿو اهو به نيشنل پوليس فائونڊيشن جي پلاٽ جو دعويدار بڻجي وڃي ٿو. پاڻ کي ايماندار چوڻ وارو هڪ سيڪريٽري به اتان پلاٽ وٺي وڪرو ڪري غائب ٿي ويو هو. سوال اهو آهي ته سيڪريٽري کي پلاٽ ڏيڻ جا قانون ڇو ٺاهيا ويا آهن؟ سيڪريٽري کي پلاٽ ڇو ملڻ گهرجي؟ اها واضح طور تي ناانصافي آهي. ان اداري جو سربراهه به هن وقت علي ناصر رضوي آهي، پر گهڻو ڪري گهرو کاتي جا سيڪريٽري پوليس مان ناهن هوندا، پوءِ انهن کي هن کاتي ۾ پلاٽ ڏيڻ جو جواز ڪهڙو آهي؟ هن اداري جو سربراهه ڪنهن سينيئر آفيسر کي مقرر ڪرڻ گهرجي ها. اڳوڻي سربراهه سٺو ڪم ڪيو هو جنهن سبب سياسي حلقن ۾ ڪاوڙ به پيدا ٿي هئي. دهشتگردي خلاف جدوجهد ۾ اهڙن ادارن جو مضبوط ۽ فعال هجڻ ضروري آهي، پر يا ته سربراهه مقرر ئي ناهن يا مقرر ٿيل سربراهه کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ به بدانتظامي عروج تي آهي. بليو ايريا ۾ 900 گاڏين لاءِ پارڪنگ پلازا جو منصوبو 2022ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو سوا ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 4 ڀيرا ڊيڊلائن به گذري وئي آهي. ٺيڪيدار ڪمپني اين ايل سي به منصوبي ۾ دير ڪندي رهي آهي، پر ان خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. سي ڊي اي کي به نوٽيس ٿيڻ گهرجي ۽ اهڙي ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ گهرجي. جڏهن حڪومتي ادارا پاڻ بحران جو شڪار هجن ته دهشتگردي ۽ انتظامي مسئلن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو.