گھوڙا گھٽ ،پراڻو ٽوڙي بند ڏڪ بچاءَ بند سميت بچاءَ بندن جي حالت خراب

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي ) چيف انجنئر ايريگيشن سردار علي شاھ گڊو بئراج پھچي ڪري بي ايس فيڊر جا گيٽ بند ڪرائي گڊو بئراج جا دروازا مٿي ڪرائي پاڻي جا بيٺل وھڪرا سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بئراج ڏانھن ڇوڙ ڪيو ويو آھي جنھن سبب گڊو بئيراج تي پاڻي جي سطح ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي تازو گذريل شام جو عملدارن پاران  گڊو جو مٿانھون وھڪرو ٽي لک پنجاھ ھزار جڏھن ته ھيٺيون وھڪرو ٽي لک چھٽيھ ھزار 627ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آھي ھوڏانھن گھوڙا گھٽ بند ٽوڙي بند ڏڪ بند چڪ بچاء بند جھلي ڪلواڙي بندن جي مختلف ھنڌن تان ڪيترائي ڪٽ لڳل آھن مقامي ماڻھن پاران انتظاميا کي ڪٽن جي آگاھي ڏيڻ باوجود انتظاميا بندن جي ڪٽن کي بند نه  ڪيو آھي سنڌ حڪومت جي حڪم باوجود  چونڊيل نمائندا گذريل چار ڏينھن کان رڳو بچاءَ بندن تي فوٽو سيشن ڪرائڻ ۾ مصروف آھن ايم پي اي عارف خان مھر جھلي. ڪلواڙي بند  صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو چڪ بچاء بند جو چڪر ڏئي بندن جو جائزو وٺي واپس ٿيا   جڏھن ته فوڪل پرسن ايڪسائيز جي صوبائي وزير مڪيش چاولا مقامي ايم پي اي امتياز شيخ جي گھر تي ضلعي چيئرمين ذوالفقار ڪماريو صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو سان بند ڪمري دعوتون کائي وقت گذاريو صوبائي وزير  مڪيش چاولا  ڊپٽي ڪمشنر آفس ۾ قائم ڪيمپ افس جو وزٽ ڪري  آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪيون آھن جڏھن ته  انتظاميا  امڪاني ٻوڏ  جي خطري سبب ڪچي جي علائقن مان مقامي ماڻھن کي پڪي تي آڻڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن چڪ بند تي قائم ڪيمپون خالي پيل آھن جڏھن ته انھي حوالي سان پي پي اڳواڻ غوث بخش خان مھر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪچي جا ماڻھو پڪي تي پاڻ نه پيا اچن انھن کي اندازو آھي ته ڪيترو پاڻي اچڻ بعد اسان کي ڪچي مان نڪرڻو آھي  ڪچي جي ماڻھن کي پڪ آھي ته ٻوڏ نه ايندي اسان به چئون ٿا ته ٻوڏ جو في الحال خطرو ناھي صوبائي صلاحڪار مير بابل ڀيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته بندن جي مختلف ھنڌن تي ڪٽ ھجڻ جون مقامي ماڻھن شڪايتون ڪيون آھن اسان نشاندھي ڪيل ھنڌن تي جلد مشينري ۽ عملو موڪلي ڪم ڪرائيندا سين  صوبائي وزير مڪيش چاولا  چيو  ته   انتظاميا پاران ڪنھن به ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن  بچاء بندن تي ريليف ڪيمپن سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن بندن تي مرمتي ڪم به ھلندڙ آھي ھن وقت صورتحال خطري جھڙي ناھي

شڪارپور ۾ گذريل ٻوڏ ۾ مال ڪمائيندڙ ٺيڪيدار وري سرگرم

شڪارپور: ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ذريعن موجب   2010جي ٻوڏ دوران سيلاب متاثرين کي کاڌ خوراڪ  سميت سھولتون فراھم ڪندڙ ٺيڪيدار امڪاني ٻوڏ جو ٻڌي سرگرم  ٿي ويا آھن جن ڊپٽي ڪمشنر آفيس توڙي مختيار ڪار آفيس جا چڪر لڳائڻ شروع ڪري ڏنا آھن   ياد رھي ته 2010جي ٻوڏ دوران صرف کاڌي پيتي جي شين ۾ جعلي بلن ذريعي  ڪروڙن  جي ڪرپشن ڪئي وئي ھئي

ايس ايس پي شڪارپور پاران ڪچي جو دورو،ماڻهن کي علائقو خالي ڪرڻ جون هدايتون

شڪارپور: ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ ونگ ڪمانڊر رينجرس ضياالرحمن ڪچي جي علائقن ۾ پھچي ڪري دورو ڪيو ۽ ماڻھن کي علائقو خالي ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن انھي حوالي سان ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ پھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو  ته ڪچي جا جيڪي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن انھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ رينجرس سان گڏ ڪم ڪري رھيا آھيون پوليس ڊرون ڪيمرا ذريعي متاثرن کي ٽريس ڪري انھن جي مدد ڪري رھي آھي ھن چيو ته ڏوھارين تي پڻ پوليس ۽ رينجرس جي نظر آھي ڏوھارين جي خاص لنگهھ وارن رستن تي چوڪسي وڌائي وئي آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.