اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جا نوان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا.
پڌرائيءَ موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي، گاسليٽ هڪ رپيو 46 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل 2 رپيا 40 پيسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي.
اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 269 رپيا 99 پيسا، گاسليٽ جي نئين قيمت 176 رپيا 81 پيسا، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 159 رپيا 76 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان پيٽرول جي قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر 264 رپيا 61 پيسا في ليٽر تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like