اُهي اداڪارائون جن موت کي مات ڏيئي ڇڏي

جڳمائيندڙ روشنين جي جهرمٽ سان ڀرپور بالي ووڊ ۾ گليمر جي پٺيان به زندگيءَ جون ڀوائتيون حقيقتون لِڪل هونديون آهن ۽ ڪيئي نامياريون اداڪارائن پردي جي پٺيان به هڪ جنگ وڙهي ۽ موت کي مات ڏئي چڪيون آهن.
اهڙين اداڪارائن ڪينسر جهڙي موذي مرض جو مقابلو نهايت حوصلي ۽ دليريءَ سان ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي جدوجهد ذريعي لکين ماڻهن لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻيون.
سونالي باندري کان حنا خان تائين بالي ووڊ جون ڪيئي سپر ماڊلز ۽ اداڪارائون بهادري سان ڪينسر سان جهڙينديون رهيون.
اڄ اسان هن رپورٽ ۾ اهڙين ڪجهه اداڪارائن جو ذڪر ڪنداسين جن ڪينسر جهڙي مرض سان ويڙهاند ڪري هڪ ڀيرو وري اسڪرين تي واپسي ڪري ڪروڙين دليون کٽي ورتيون

سونالي باندري
سونالي باندري جا مداح هميشه کان ئي هُن جي مُرڪ ۽ خوبصورت اداڪاري جي ڪري کيس پسند ڪندا آيا آهن.
هن جولاءِ 2018 ۾ انڪشاف ڪيو ته منجهس هڪ خطرناڪ قسم جو ڪينسر جي نشاندهي ٿي آهي، جيڪو هن جي جسم جي ٻين حصن ۾ به پکڙجي چڪو آهي.
ان کانپوءِ اداڪارا نيويارڪ ۾ پنهنجو علاج ڪرايو ۽ بيماريءَ کان صحتيابي تائين جي سفر کي سوشل ميڊيا تي مداحن سان شيئر پڻ ڪيو.
هن موذي مرض جي علاج دوران ڪيموٿراپي، وار ڪوڙائڻ ۽ ٻين ڏُکين مرحلن کي به بي ڊپائيءَ سان سڀني اڳيان پيش ڪيو.
سونالي باندري نه رڳو علاج جون تڪليفون بيان ڪيون پر اهو به سمجهايو ته شروعاتي مرحلن ۾ ڪينسر جي نشاندهي علاج جوڳي هوندي آهي.

منيشا ڪوئرالا
بالي ووڊ جي مشهور فلم ”دل سي“ جي اداڪاره منيشا ڪوئرالا کي سال 2012 ۾ ٻچيدانيءَ جي ڪينسر (اوورين ڪينسر) جي نشاندهي ٿي، هن آمريڪا ۾ پنهنجو مڪمل علاج ڪرايو ۽ سال 2015 ۾ موذي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.
منيشا پنهنجن تجربن کي پنهنجي ڪتاب ”Healed: How Cancer Gave Me a New Life“۾ قلمبند ڪيو آهي، جنهن ۾ هن ڪيموٿراپي جي ايذائيندڙ لمحن ۽ پنهنجي ڪٽنب جي سهڪار جو ذڪر ڪيو.
صحتيابي کان پوءِ هوءَ ڪينسر بابت آگاهي مهمن ۾ڀرپور حصو وٺي رهي آهي.

حنا خان
مشهور ڪشميري اداڪارا حنا خان ويجهڙ انڪشاف ڪيو هو ته هوءَ بريسٽ ڪينسر ۾مبتلا ٿي وئي آهي، پنهنجن ٽي وي ڪردارن ۽ ريئلٽي شوز ۾ شرڪت ذريعي شهرت ماڻيندڙ 37 ورهين جي حنا خان بيماري کي لڪائڻ بدران ان بابت کلي ڪري ڳالهايو.
هن ڪينسر جي ابتدائي نشاندهي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ پنهنجي علاج جون جهلڪيون مداحن سان شيئر ڪيون.
حنا خان جي هاڪاري سوچ ۽ بهادري ڪيئي عورتن کي پنهنجي صحت بابت سنجيده ٿيڻ لاءِ اُتساهيو آهي.

ڪرن کير
سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان ڪرن کير ۾ سال 2020 ۾ بلد ڪينسر جي نشاندهي ٿي، ڪرن پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ خوش مزاج شخصيت لاءِ ڄاتي وڃي ٿي، 73 اداڪارا جي بيماريءَ جي خبر مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
پر علاج دوران ڪرن کير همت نه هاري ۽ پنهنجي مڙس، اداڪار انوپم کير جي مڪمل سهڪار سان هن موذي مرض کي مات ڏيئي ڇڏي.
ان دوران سوشل ميڊيا ۽ انٽرويوز ذريعي هوءَ مداحن کي پنهنجي صحت بابت باخبر رکندي رهي.
ڪرن کير جي جدوجهد اسان کي اهو سبق سيکاري ٿي ته هڪ هاڪاري رويو ڪيترن ئي ڏکن کي گهٽائي سگهي ٿو.

ليزا رَي
فلم ”قصور“ ۽ .واٽر“ ذريعي مشهوري ماڻيندڙ اداڪارا ليزا رَي سال 2009 ۾ بلڊ ڪينسر جو شڪار ٿي، هن بيماري دوران روايتي علاج سان گڏ متبادل طريقا پڻ اختيار ڪيا ۽ پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت کي ترجيح ڏني.
هن ڪينسر دوران پنهنجا تجربا ”The Yellow Diaries“ نالي بلاگ وسيلي دنيا سان شيئر ڪيا، جن ۾ هن تفصيلي انداز ۾ پنهنجا اهنج، اميدون ۽ تجربا بيان ڪيا.
سال 2010 ۾ ليزا رَي اعلان ڪيو ته هن ڪينسر مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي، ان کانپوءِ هوءَ ڪينسر بابت جاڳرتا مهمن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي رهي آهي.
مٿي ڄاڻايل هڙئي اداڪارائون رڳو اسڪرين تي نه پر پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ به هيرو ثابت ٿيون آهن. سندن ڪهاڻيون اسان کي سيکارين ٿيون ته همت، صبر ۽ اميد سان وڏي کان وڏي ۽ ڏکئي کان ڏکي آزمائش کي شڪست ڏئي سگهجي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.