غزا ۾ هڪ ٻي صحافڻ اسرائيلي بمن جو کاڄ بڻجي وئي

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جي فضائي حملي ۾ هڪ ٻي صحافڻ شهيد ٿي وئي.
فلسطيني حڪومتي ميڊيا آفيس موجب آچر تي القدس اليوم سيٽلائيٽ چينل سان سلهاڙيل صحافڻ اسلام موحارب عابد اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿي وئي.
ميڊيا آفيس ان واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل منظم انداز ۾ صحافين کي نشانو بڻائي رهيو آهي ته جيئن سچ کي دٻائي سگهجي.
بيان ۾ عالمي صحافتي تنظيمن ۽ فيڊريشنز کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي غزا ۾ صحافين خلاف ٿيندڙ ڪارروائين تي آواز اٿارين.
انگن اکرن موجب آڪٽوبر 2023 ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هيل تائين غزا ۾ شهيد ٿيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جو انگ 278 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.