نامياري ڀارتي ليکڪ جو بالي ووڊ تي تاريخ سان هٿ چراند جو الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليکڪ اميش ترپاٺي بالي ووڊ تي تاريخ سان هٿ چراند جو الزام هڻندي ڪجهه وڏين فلمن جا نالا به کڻي ڇڏيا.
ممبئي ۾ پنهنجي نئين ڪتاب ”دي چولا ٽائيگرز، ايونجرز آف سومناٿ“جي تقريب دوران اميش ترپاٺي چيو ته بالي ووڊ تاريخ کي غلط انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي.
هن مثال طور ”پدماوت“ ۽ ” جوڌا اڪبر“ جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته انهن ۾ حڪمرانن کي غير حقيقت پسنداڻي انداز ۾ اسڪرين تي ڏيکاريو ويو.
ڀارتي ليکڪ چيو ته اڪبر ۽ خلجي جهڙن حڪمرانن کي فلمن ۾ غلط نموني پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ان دور ۾ اردو زبان رائج نه هئي، حڪمران فارسي يا ترڪي ڳالهائيندا هئا.
سندس چوڻ هو ته بالي ووڊ اهڙن تاريخي ڪردارن کي پيش ڪري عوام کي ورغلائي ٿو، فلمي صنعت جي ذميواري آهي ته تاريخ کي صحيح نموني ڏيکاري، ڇو ته فلمون ماڻهن جي سوچ ۽ ذهن تي اثر ڇڏين ٿيون.
اميش ترپاٺي چيو ته بالي ووڊ جي اهڙي غلط بيانيءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، وچ ايشيا سان تعلق رکندڙ حڪمرانن کي مشهور اداڪارن ذريعي پيش ڪرڻ تاريخ کي بگاڙڻ جي برابر آهي.
واضح رهي ته فلم ”پدماوت“ ۾ خلجي جو ڪردار رنوير سنگهه ادا ڪيو، جڏهن ته فلم سنجي ليلا ڀنسالي ٺاهي هئي، جنهن ۾ مُک ڪردار ديپيڪا پڊوڪون نڀايو هو.
ان کانسواءِ آشوتوش گواريڪر جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ”جوڌا اڪبر“ ۾ رتِڪ روشن اڪبر جو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مرڪزي ڪردارن ۾ ايشوريا راءِ بچن پڻ شامل هئي، ٻنهي فلمن ۾ اداڪارن جي ڪارڪردگي کي فلم ڏسندڙن طرفان ساراهيو ويو.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.