سون کي پَر لڳي ويا، قيمت ۾ هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 70 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 2 هزار 819 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 17 هزار 815 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 33 ڊالر واڌ سان 3 هزار 480 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.