ڳورهاري ناهيان! مڙس سان محبت ڀريا ڏينهن گهاريان پئي، انهن لمحن جو مزو ماڻڻ ڏيو: ماورا حسين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماورا حسين ڳورهاري هجڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ماورا حسين تازو هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون، جتي واهپيدارن اندازا لڳايو ته اداڪارا اميد سان آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي ساڳئي تقريب دوران ڪڍايل تصويرون شيئر ڪري واضح ڪيو ته هوءَ ڳورهاري نه آهي، تنهنڪري اهڙيون افواهون ڦهلائڻ بند ڪيون وڃن ۽ مداح به اهڙين ڳالهين تي يقين نه ڪن.
ان کانسواءِ هن اسٽوري پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيو ته ” هوءَ هن وقت مڙس سان حد کان وڌيڪ محبت ڀري دور مان گذري رهي آهي ۽ چاهي ٿي ته سڀ ماڻهو کيس انهن خوشگوار لمحن مان لطف اندوز ٿيڻ ڏين.“
واضح رهي ته ماورا حسين ۽ اداڪار امير گيلاني هن سال فيبروري 2025ع ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن جون تقريبون ۽ تصويرون وڏي انگ ۾ سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.