ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نتاشا علي معاشري جي هڪ اهم پهلوءَ ۽ مسئلي تي روشني وڌي آهي.
ويجهڙ هڪ مارننگ شو ۾ شرڪت دوران هن چيو ته ڀينرن جي مڙسن جون زالون (ڀاڄايون) اڪثر ڪري بيواهه، غير شادي شدا ۽ طلاق يافته نڻانن سان اڍنگو ۽ غير مناسب رويو اختيار ڪنديون آهن، جيڪو درست ناهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنواري آهي ته ان جو مڪمل حق آهي ته هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ رهي، ڪنهن به ڀاڄائيءَ جو حق ناهي ته کيس ٻوجهه سمجهي يا نفرت ڪري.“
نتاشا علي چيو ته ” اڪثر ڀاڄايون ڦڏوڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، جڏهن ته طلاق يافته يا بيواهه عورتون به نيٺ ماءُ پيءُ وٽ ئي اينديون، ڇا هوءَ ٻاهر وڃي پاڻ کي ختم ڪري ڇڏينديون؟ اسان جي معاشري ۾ ڪيئي ڇوڪرين لاءِ نوڪري ڪرڻ به ممڪن ناهي، پوءِ اهي ڪٿي وينديون؟“
هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ”جيڪڏهن اهڙيون ڇوڪريون پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ آهن ته سڀني ڀاڄائين کي گهرجي ته سندن عزت ڪن.“
اداڪارا جي اِها ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جتي واهپيدار مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ” تالي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، نڻان ڀاڄائيءَ جي عزت ڪرڻ کپي ۽ سليقي سان گڏجي رهن.“