افغانستان ۾ زلزلي جي تباهي، 800 ڄڻا فوت، هزارين زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) اوڀر افغانستان ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 800 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 2500 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، زلزلي کانپوءِ افغان طالبان بين الاقوامي امدادي تنظيمن کان ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.
افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڪنڙ ۽ ننگرهار صوبي ۾ وڏي پيماني تي گهر تباهه ٿي ويا آهن.
ننگرهار ۽ ڪنڙ ۾ زلزلي کي 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي.
زلزلي جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪنڙ ۾ ٿيو آهي، جيڪو هڪ جابلو علائقو آهي ۽ هتي وڃڻ جا رستا محدود آهن، تازو ئي هن صوبي ۾ ٻوڏ ۽ سلائيڊنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ڏانهن ويندڙ رستا تباهه ٿي ويا هئا.
گذريل رات افغانستان جي اوڀر واري صوبي ڪنڙ ۾ زلزلو آيو، جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، هن زلزلي جو مرڪز جلال آباد کان رڳو 27 ڪلوميٽر پري هو.
هن زلزلي جا لوڏا نه رڳو افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ پر پاڪستان ۾ به محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي نتيجي ۾ هنيئر تائين 800 کان وڌيڪ فوتگين جي تصديق ٿي آهي.
طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجب، زلزلي سبب لغمان، نورستان ۽ ننگرهار ۾ به نقصان ٿيو آهي.
طالبان حڪومت جي ترجمان موجب، صرف ڪنڙ ۾ هن زلزلي جي نتيجي ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ان جو مطلب آهي ته زلزلي ۾ فوتگين جي تعداد وڌڻ جو خدشو موجود آهي.
زمين اندر زلزلي جي اونهائي گهڻي نه هئي، انڪري وڌيڪ تباهي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
افغانستان ۾ زلزلي سبب متاثر علائقا گاديءَ واري هنڌ ڪابل کان تمام پري آهن، جنهن سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.