گلگت ۾ پاڪ فوج جو هيلي ڪاپٽر ڪِري تباهه، ٻن ميجرن سميت 5 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان جي هڊور ڳوٺ ويجهو پاڪ فوج جو هڪ هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، هيلي ڪاپٽر سان اڄ صبح جو لڳ ڀڳ 10 وڳي پيش آيو، جڏهن هو معمول جي تربيتي پرواز تي هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٻن ميجرز سميت پنج اهلڪار شهيد ٿيا، جن ۾ ميجر عاطف، ميجر فيصل، فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار مقبول، ڪريو چيف حوالدار جهانگير ۽ ڪريو چيف نائڪ عامر شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، تربيتي مشنز آرمي ايويئيشن جي معمول جي سرگرمين جو حصو آهن، جڏهن ته هيلي ڪاپٽر کي حادثو فني خرابي سبب پيش آيو.
ٻئي پاسي وزيراعظم گلگت ۾ آرمي ايويئيشن جي تربيتي هيلي ڪاپٽر جي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ميجر عاطف، ميجر فيصل سميت ٻين شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪندي سندن صبر جليل لاءِ به دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.