تيانجن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايس سي او ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جو معاملو اٿاري ڇڏيو.
چين جي شهر تيانجن ۾ جاري 25 هين ايس سي او سربراهي ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته شاندار ميزباني ۽ ڀرپور انتظامن تي صدر ۽ حڪومت چين جا ٿورائتا آهيون. ايس سي او علائقائي سهڪار ۽ انضمام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڊگهي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان سدائين گهڻ رخي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي طاقت تي يقين رکي ٿو. ڪنهن به ملڪ لاءِ خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کان وڌيڪ ڪا شيءِ ناهي، ۽ پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن ۽ پاڙيسري ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ٿو.
وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ بهترين منصوبو آهي. پاڪستان سڀني عالمي ۽ ٻه طرفي معاهدن جو احترام ڪري ٿو، معاهدن موجب پاڻي تائين بنا رنڊڪ رسائي ايس سي او جي مقصدن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو خواهشمند آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ جامع ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، جنهن ذريعي سڀ پراڻا تڪرار حل ٿي سگهن ٿا.
غزه جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ جاري ظلم ۽ بک اسان جي اجتماعي ضمير تي هڪ نه ختم ٿيندڙ زخم آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي منظور ڪيل ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو ۽ ظلم ۽ رتو ڇاڻ جي فوري خاتمي جو مطالبو ورجائي ٿو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتها پسندي سموري خطي لاءِ سنگين خطرو آهن، ۽ پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل ۽ صورت جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته دنيا سياسي مفادن لاءِ دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪندڙ ملڪن جي ڪوڙن بيانين کي قبول نٿي ڪري. بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جا ثبوت موجود آهن، انهن ڏوهن جي ذميوارن ۽ سندن سهولتڪارن کي جوابده بڻجڻو پوندو.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته افغانستان اسان جو ڀاءُ پاڙيسري ملڪ آهي، مضبوط افغانستان نه رڳو اسان پر سموري خطي جي مفاد ۾ آهي.
پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان معمول جا لاڳاپا چاهي ٿو، ڳالهين وسيلي پراڻا تڪرار حل ٿي سگهن ٿا: وزيراعظم
You might also like