6 سيپٽمبر تي گڊو بئراج وٽ انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ هوندي، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد علي شاهه چيو آهي ته 6 سيپٽمبر تي ڪنهن به وقت گڊو بئراج تي انتهائي مٿاهين درجي جي ٻوڏ اچي سگهي ٿي.
ڪراچي ۾ پريس بريفنگ دوران وڏي وزير چيو ته ڏسڻو پوندو ته هڪ وقت ۾ وڌ کان وڌ ڪيترو پاڻي ايندو، اين ڊي ايم اي موجب 8 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جڏهن ته 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي سپر فلڊ چيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجا بئراج ۽ بند محفوظ رکڻا آهن، اهڙين وڏين ٻوڏن بند ليڪ ٿي ويندا آهن، پر عملو پراعتماد آهي ته ٻوڏ وهڪرو بئراجن مان لنگهي ويندو، ساڍا 5 لک ڪيوسڪ پاڻي اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گڊو بئراج مان ڪڍي چڪا آهيون.
مراد علي شاهه موجب، گڊو ۽ سکر بئراجن جو جائزو ورتو ويو آهي، رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو آهي، جڏهن ته ليفٽ بئنڪ تي شينڪ بند وڌيڪ خطري ۾ آهي، 5 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي ۾ ڪيترا ڳوٺ متاثر ٿيندا، ان جي ڊيٽا موجود آهي.
هن چيو ته اسان 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون آهن، پاڪ فوج ۽ نيوي کان مدد ورتي وئي آهي، نيوي جون ٻيڙيون به موجود آهن، صحت کاتو به اتي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 4 سيپٽمبر جي صبح تائين خبر پئجي ويندي ته پنجند وٽ ڪيترو پاڻي پهتو آهي، جڏهن ته 6 سيپٽمبر تي ڪنهن به وقت گڊو بئراج تي انتهائي مٿاهين درجي جو ٻوڏ وهڪرو پهچي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.