ايس سِي او جي گڏيل پڌرائي جاري، جعفر ايڪسپريس، خضدار حملن ۽ پهلگام واقعن جي سخت مذمت

تيانجن (ويب ڊيسڪ) شنگھائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ جاري ڪيل گڏيل اعلاميي ۾ جعفر ايڪسپريس، خضدار حملن ۽ پهلگام واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي.
چين جي شهر تيانجن ۾ ٿيل اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ ۾ چيو ويو ته جوهري هٿيارن جي ڦهلاءَ روڪٿام واري معاهدي جي حمايت ڪجي ٿي ۽ پرامن ايٽمي توانائي تائين برابري جي بنيادن تي رسائي ضروري آهي.
گڏيل پڌرائي ۾ ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن بابت عالمي معاهدن تي مڪمل عملدرآمد جي به حمايت ڪئي وئي.
ايس سي او جي پڌرائي موجب، عالمي واپاري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ۽ هڪ طرفي اقتصادي پابندين جي مخالفت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ڊجيٽل اڪانومي ۽ اي ڪامرس ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، جڏهن ته ايس سي او ڊيولپمينٽ بئنڪ قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
پڌرائي ۾ دهشتگردي، عليحدگي پسندي ۽ انتها پسندي خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو ويو، سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ يونيورسل سينٽر ۽ اينٽي ڊرگ سينٽر جا معاهدا ڪيا ويا ۽ دهشتگري ٽوڙ سهڪار پروگرام 2025–2027 تي عملدرآمد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.
گڏيل پڌرائي ۾ جعفر ايڪسپريس، خضدار ۽ پهلگام واقعن جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ فلسطين ۾ ترت ۽ پائيدار جنگبندي سان گڏ انساني امداد پهچائڻ تي به زور ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.