حنيف محمد ٽرافي: زاهد جون گُگليون سمجهه کان ٻاهر، لاڙڪاڻو ريجن جي ڊيرا مراد جمالي کي عبرتناڪ شڪست

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حنيف محمد ٽرافي گريڊ ٽو جي ميچ ۾ ڪپتان زاهد محمود جي شاندار بالنگ ۽ مَلهار رسول، ثابت علي ۽ محسن رضا جي سينچرين جي مدد سان لاڙڪاڻي ريجن ڊيرا مراد جمالي کي 274 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
يوبي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاڙڪاڻي طرفان ڏنل 475 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڊيرا مراد جمالي ٻي اننگز ۾ 201 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
ٻي اننگز ۾ دائود خان 43 رنسن سان نمايان رهيو، ڪپتان فهد حسين 38، محمد شاهد 25، عاقب جنيد 16 ۽ اختر محمد 13 رنسون ٺاهيون. عبيد علي بنگلزئي ۽ تيمور علي 12، 12 رنسون ٺاهي سگهيا.
لاڙڪاڻي طرفان ڪپتان زاهد محمود 24.5 اوورن ۾ 72 رنسن عيوض پنج وڪيٽون وٺي شاندار بالنگ ڪئي. هن ميچ ۾ مجموعي طور 9 شڪار ڪيا، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ مشتاق احمد ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته عامر علي ٿهيم هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ لاڙڪاڻي ريجن پهرين اننگز ۾ 311 رنسون ٺاهيون هيون، ثابت علي 115 ۽ محسن رضا 100 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته غلام رضا 49 رنسن سان نمايان رهيو.
ڊيرا مراد جمالي جي محمد شاهد ۽ ابو هريره ٽي، ٽي، جڏهن ته فهد حسين ۽ ناصر خان ٻه، ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڊيرا مراد جمالي پهرين اننگز ۾ به 166 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
تيمور علي ڪجهه مزاحمت ڪندي 59 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو. ان اننگز ۾ زاهد محمود چار، مشتاق احمد ۽ عامر علي ٿهيم ٻه، ٻه ۽ شاهزيب عزيز هڪ وڪيٽ ورتي.
145 رنسن جي سرسي بعد لاڙڪاڻي ٻي اننگز 330 رنسن تي پنج وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ مخالف ٽيم کي 475 رنسن جو وڏو هدف ڏنو.
ٻي اننگز ۾ ملهار رسول شاندار بيٽنگ ڪندي 119 رنسون ٺاهيون، ثابت علي 66 ۽ غلام رضا 53 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
ڊيرا مراد جمالي جي محمد شاهد ٻه، جڏهن ته فهد حسين ۽ ابو هريره هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.