جڪارتا(م ڊ) انڊونيشيا ۾ عوام سرڪاري شاهه خرچين خلاف ڪامياب احتجاج ڪري حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا ۾ حڪومت جي غير ضروري خرچن خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. عوامي دٻاءُ هيٺ انڊونيشيا جي صدر پارليامينٽ جي ميمبرن جون مراعتون واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو. احتجاج جي ڪاميابيءَ بعد سياسي جماعتن به مراعتون ۽ خاص سهولتون ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا جي صدر سبيانتو چيو آهي ته وڳوڙ ۽ ڦرلٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته احتجاج دوران 5 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته مظاهرين سياسي اڳواڻن جي گهرن ۽ سرڪاري ادارن کي به باهه ڏئي ڇڏي.