ٽنڊوالھيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌ دشمن رٿائن خلاف ريلي ڪڍي وئي ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، سنڌو درياهه تي ڌاڙي، سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران چمبڙ روڊ کان لطيف گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي قيادت مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار ، عبدالرحمن سمون ، محمد بچل سميجو ، سورٺ مڱهار ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران ڪارپوريٽ فارمنگ جھڙا منصوبا آڻي سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪنھن به صورت ۾ اهڙا منصوبا قبول نه ڪنداسين، هڪ سازش تحت سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھنيون پيو وڃي، نون ڪينالن وارو راڳ ڳائي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، عوامي تحريڪ سنڌ دشمن رٿائن خلاف مسلسل جھدوجھد ڪندي عوام ۾ سڄاڳي پيدا ڪئي آھي سنڌ جي عوام سمورن منصوبن کي رد ڪري چڪو آهي ان باوجود حڪومتي ڌريون پنهنجي ھوڏ تي قائم آهن، هنن چيو ته شهر ۽ ٻهراڙي اندر به منشيات جو سر عام وڪرو جاري آهي وڏا توڙي ننڍا ٻار به آئس هيروئن ڪرسٽل ۽ ٻيو نشو واپرائي رھيا آھن، اسان سمجھون ٿا ته منشيات جي وڪري ۾ مقامي پوليس ڀاڱي ڀائيوار آھي، هنن گهر ڪئي ته ڪارپوريٽ منصوبو ختم ڪري سنڌ جون زمينون سنڌي ماڻھن حوالي ڪيو وڃن، نون ڪينالن جو باب ھميشه لاءِ بند ڪري سنڌ جي وسيلن تان قبضو ختم ڪيو وڃي.