گريٽر اسرائيل جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسد الله ڀٽو چيو آهي ته نبين جي سرزمين، فلسطين مٿان قبضو ۽ گريٽر اسرائيل جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ابراهيم معاهدو دشمن جو فريب ۽ ڦندو آهي. مسلم امت کي ان کان آگاهه رهڻ گهرجي، يحييٰ سنوار، اسماعيل هانيه ۽ هزارين ٻارن، پوڙهن، عورتن ۽ نوجوانن جي قربانين مسلمانن جي نئين نسل ۾ جهاد جو جذبو پيدا ڪيو آهي. جنهن جا ڪرڻا سڀني مسلمانن جي دلين ۾ چمڪي رهيا آهن. قبا آڊيٽوريم ۾ عالمن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته غزا تي اسرائيلي جارحيت ۽ ظلم جيڪو آڪٽوبر 2023 کان جاري آهي ۽ 22 مهينن جي ظلم جي باوجود، فلسطيني عوام جي قربانين ۽ حماس جي جوڌن جي شهادتن ۽ انهن جي ثابت قدمي اسرائيل جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏين طاقتن جي شيطاني ٽڪنڊي، آمريڪا، اسرائيل ۽ هندستان کي منهن ڏئي، انهن جنگ بدر جي 313 صحابين جي ياد کي تازو ڪيو آهي. هن وقت تائين غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت ۾ شهيدن جو ڪل انگ 62,895 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15,895 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. اسرائيل غزا ۾ فلسطينين کي بک مرڻ جي ظالمانه پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، بک کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.