سنڌ سان لڳندڙ بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ به ٻوڏ جو خطرو، اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان صوبيِ جي سنڌ سان لڳندڙ سرحدي ضلعن ۾ امڪاني ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي نصيرآباد ڊويزن جي ڪمشنر صلاح الدين نورزئي جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ نصيرآباد ڊويزن جي چئني ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر به شريڪ ٿيا، ٻوڏ سبب جيڪي ضلعا متاثر ٿي سگهن ٿا انهن ۾ نصيرآباد، جعفرآباد، اوستا محمد ۽ صحبت پور شامل آهن.
سرڪاري پڌرائيءَ موجب، اجلاس ۾ سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس دوران نصيرآباد ڊويزن جي ڪمشنر صلاح الدين نورزئي طرفان سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن مختلف هنڌن تي قائم ڪئمپن جو پاڻ جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي جوڳا قدم کنيا وڃن، امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفاد ۾ عملي قدم کڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي.
ان کانسواءِ ايگزيڪيوٽو انجنيئر پَٽ فيڊر ڪئنال فريد احمد پندراڻي ٻوڏ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جي ضلعي ڪشمور ۾ گڊو بئراج جو دورو ڪيو، جتي صوبائي اختيارين کيس امڪاني ٻوڏ صورتحال بابت آگاهه ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.