ڳاڙهي چنڊ گرهڻ (بلڊ مون) پاڪستان ۾ ڪڏهن نظر ايندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته هلندڙ سال جو پهريون ”بلڊ مون“ پاڪستان ۾ به ڏٺو ويندو.
موسميات کاتي موجب 7 ۽ 8 سيپٽمبر جي وچين رات مڪمل چنڊ گرهڻ ٿيندي، گرهڻ سبب چنڊ جو رنگ ڳاڙهو نظر اچڻ سبب ان کي ”بلڊ مون“ چيو ويندو آهي.
گرهڻ جي شروعات 7 سيپٽمبر تي رات 8 وڳي 28 منٽن تي ٿيندي، 11 لڳي 12 منٽن تي عروج تي هوندي، جڏهن ته ان جي پڄاڻي 8 سيپٽمبر تي رات جو هڪ لڳي 55 منٽن تي ٿيندي.
چنڊ گرهڻ جو دورانيو 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندو، اها پاڪستان سميت دنيا جي مختلف حصن ۾ ڏٺي ويندي.
چنڊ گرهڻ کي ايشيا، يورپ، آفريقا، آسٽريليا، اولهه اتر آمريڪا، اوڀر ڏکڻ آمريڪا ۾ به ڏسي سگهبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.