بدين(رپورٽ رازق ڏنوکوسو) ڪڙيو گھنور ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪينالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ بدين ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، بدامني، وسيلن جي ڦرلٽ لٽ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي تقسيم خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر بچل احمداڻي، گيانچند مھيشوري، سانول گوپانگ،عبدالله چانڊيو،سنڌياڻي تحريڪ جي ضلعي بدين جي صدر شازيا احمداڻي، بختاور جمالي، سڪندر مھيشوري، امام علي شاھ، عابد علي چانڊيو، ڪامريڊ سومار سولنگي، حسين درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ميمڻ پمپ کان پيادل مارچ ڪري شھر جي مختلف علائقن مان ٿيندو فاضل راهو چوڪ وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي مظهر راهوجو چيو ته ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. راوي، ستلج، بياس سنڌو درياھ جون مددي نديون ھنيون جن کي سنڌ کان پڇڻ کانسواءِ حڪمران ھندستان کي 3 درياھ وڪڻي ڇڏيا ھئا. ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ جون ڳالھيون ڪندڙ ملڪ دشمن آھن. جيستائين ھڪ به محب وطن زندھ آھي سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته بلاول زرداري لاڙڪاڻي ۾ سڄي ڊويزن جي پوليس کي پروٽوڪول ۾ وٺي ٽڪ ٽاڪ ٺاھي رھيو آھي، ڌاڙيل نوجوانن کي قتل ڪري رھيا آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي آھن. بچل احمداڻي چيو ته جاگيردار، سردار، وڏيرا سنڌين جي ووٽ چونڊيل نمائندا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر سنڌ کان لاتعلق بڻيل آھن. گيانچند مھيشوري چيو ته ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. سانول گوپانگ چيو ته پيپلز پارٽي امير سنڌ کي ڪرپشن ،بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. شازيه احمداڻي چيو ته سنڌ ۾ پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. عبدالله چانڊيو چيو ته سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا.