بلاول جي لاڙڪاڻي ۾ هوندي به ڏوهاري شهرين کي ڦري رهيا آهن: صفدر/معظم عباسي

لاڙڪاڻو (ن ع آ) جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ سابق ايم پي اي معظم علي عباسي لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ ٻن نوجوانن کي ڦر دوران دوران مزاحمت تي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هنن چيو آهي ته هن وقت سڄي سنڌ لاقانونيت جي گهيري ۾ اچي وئي آهي، پوليس کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پروٽوڪول لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معصوم شهرين جا جاني ۽ مالي تحفظ مڪمل طور خطري ۾ آههي، ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ معظم علي عباسي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ 18 سالن جي نوجوان احمد علي ڀٽي ۽ قمبر ۾ نوجوان ساگر چانڊيو کي ڌاڙي دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو، جن جي وارثن کي انصاف گهرجي، پر سوال اهو آهي ته کين انصاف ڪير ڏيندو؟ گذريل 17 سالن کان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، پر امن امان جي ابتري ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چار ڏينهن کان لاڙڪاڻي جي دوري تي آهي، ان باوجود ڏوهاري شهرين کي ڦري رهيا آهن ۽ مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪري رهيا آهن، جيڪو پيپلز پارٽي جي نااهلي جو ثبوت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.