اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهري خوف وچان گهرن ۽ عمارتن مان نڪري آيا.
صوابي، سوات ۽ مالاڪنڊ ضلعن ۾ زلزلو آهي، جڏهن ته باجوڙ، چترال ۽ مانسهرا ۾ به لوڏا محسوس ڪيا ويا، گلگت بلستان جي علائقي غذر جي گاهڪوچ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ به زمين ڌڏي.
زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش ريجن هو، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.3 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي اونهائي 110 ڪلو ميٽر هئي.
You might also like