” مودي، ٽرمپ جي فون ئي نه ٿو کڻي“ جرمن اخبار جي دعويٰ

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمن اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا فون ڪال اٽينڊ نه پيو ڪري.
جرمن اخبار” فرينڪفرٽر الگمائني“ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ” ه صدر ٽرمپ ويجهڙائي وارن هفتن دوران چار ڀيرا مودي سان فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀارتي وزيراعظم هر ڀيري ڳالهائڻ کان لنوائي ويو.“
رپورٽ موجب، مودي جو اهڙو رويو نئين دهليءَ جي ”شديد ڪاوڙ ۽ احتياط“ جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن ٽرمپ انتظاميا ڀارت تي 50 سيڪڙو درآمدي ٽيرف لاڳو ڪيو، جيڪو برازيل کانپوءِ ڪنهن به ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهي.
آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ سان لاڳاپيل تجزيي نگار مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن واقعي ٽرمپ بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مودي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ته ٿيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بحران جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي ماضي ۾ گهڻو مضبوط سمجهيا ويندا هئا.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپاري اختلاف وڌي ويا آهن.
آمريڪي صدر ڀارت تي ٽيرف 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ٽرمپ مختلف موقعن تي پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پنهنجي ڪردار جو ذڪر ڪندو رهيو آهي جنهن کان ڀارت انڪاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.