سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڻي جو خطرو گهٽيو آهي پر اڃا ٽريو ناهي، ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، پاڻي ۾ ڀارت جي ماڻهن جا لاش به وهي آيا آهن.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته موجوده برسات جو ويجهي ماضي ۾ مثال نٿو ملي، ان کان اڳ ڪڏهن ايترو پاڻي ناهي آيو، ڀارت مان وڌيڪ پاڻي رليز ٿيڻ جا امڪان آهن.
هن چيو مون کي شهرين ٻڌايو ته ڀارت کان ايندڙ پاڻي ۾ اتان جي شهرين جا لاش به وهي آيا آهن، پاڻي گهڻي حد تائين لهي ويو آهي پر خطرو اڃا ٽريو ناهي، ٻيهر ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.
You might also like