ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيستائين پيپلز پارٽي آهي، سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاست جو ٺهراءُ پاس نٿي ڪري سگهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪري رهيو آهي، گهر ڏئي رهيو آهي ۽ عورتن کي انهن گهرن جو مالڪ بڻايو پيو وڃي، اهو دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو آهي.
هن چيو ته ڪابينا جي تبديلي ڪا خراب ڳالهه ناهي، اهو وڏي وزير جو اختيار آهي ته هو ڪابينا ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ نوان صوبا لاڳاپيل اسيمبلي جي مرضي کان سواءِ نٿا ٺهي سگهن ۽ جيستائين پيپلز پارٽي آهي سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاست جو ٺهراءُ پاس نٿي ڪري سگهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پنجاب ۾ ٻوڏ کانپوءِ حالتون خراب آهن، پنجاب کي جيڪا به مدد گهرجي سنڌ تيار آهي، جيڪڏهن اهو پاڻي سنڌ ۾ آيو ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ برساتن دوران ميڊيا هائوسز مهم هلائي پر پنجاب ۾ اهڙي مهم نظر نه آئي.
You might also like