ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي گلوڪار سونُو نِگم چيو آهي ته هن جي ڪاميابيءَ جو اصل ڪريڊٽ عطا الله عيسيٰ خيلوي ڏانهن وڃي ٿو.
ليجنڊري پلي بئڪ گلوڪار سونُو نِگم پنهنجي انٽرويو ۾ پاڪستان جي ليجنڊري راڳي عطا الله عيسيٰ خيلوي کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس پنهنجو محسن قرار ڏنو.
سونُو نِگم چيو ته کيس ڪيريئر جي پهرين وڏي ڪاميابي اُن وقت ملي جڏهن هن عطا الله عيسيٰ خيلوي جو مشهور گيت”اَڇا صِلا ڏيا تُو ني ميري پيار ڪا.“
هن چيوته عطا الله عيسيٰ خيلوي جي ان گاني نه رڳو سڄي ڀارت ۾ منهنجي آواز کي پهچايو، پر مون لاءِ ڪاميابيءَ جا در پڻ به کولي ڇڏيا.
هن جذباتي انداز ۾ چيو ته عطا الله صاحب هڪ عظيم انسان آهن ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ سندن لاءِ اهميت آهي، جڏهن مون سندس گيت ڳايو ته پاڻ مون کي فون ڪري چيائون ته ” مسٽر سونُو، مان عطا الله عيسيٰ خيلوي پاڪستان مان ڳالهائي رهيو آهيان، توهان منهنجو گانو ڏاڍي سٺي انداز ۾ ڳايو آهي.“
ڀارتي گلوڪار اِهو به چيو ته اُن وقت منهنجي عمر رڳو اُڻويهه سال هئي، اهو منهنجي لاءِ هڪ يادگار لمحو هو، عطا الله عيسيٰ خيلوي جو اهو گانو منهنجي ڪيريئر جو اصل ٽرننگ پوائنٽ ثابت ٿيو.
سونُو نِگم جي ان انڪشاف نه فقط سندس مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو پر پاڪستاني گلوڪار جي مداحن کي به ان ڳالهه تي فخر ٿيو ته هڪ ڀارتي سپر اسٽار پنهنجي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ هڪ پاڪستاني ليجنڊ کي ڏنو.
You might also like