سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي سول ڪورٽ آن لائين فراڊ ڪيس ۾ گرفتار جوابدار بشير عرف جنيد جاني کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.
سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ٽيم جنيد جاني کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو، انويسٽيگيشن ٽيم جنيد جاني کان وڌيڪ جاچ لاءِ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته جوابدار ڌر جي وڪيلن عدالت کي جيل موڪلڻ جي درخواست ڪئي.
عدالت ايف آءِ اي جي اپيل رد ڪندي جنيد جانيءَ کي جيل موڪلي ڇڏيو.
You might also like